ڪنڌ ڪوٽ :لڳ ڳوٺ جيوڻ گولو واسي نوجوان جانزيب گولو جي بازيابي لاء وارثن جو پريس ڪلب آڏو الله بخش گولو ـ نور حسن ـ توق گولو ـ حضور بخش ـ مقدم جعفر گولو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته نوجوان کي وڻ ۾ ابتو لٽڪائي بي رحماڻي تشدد ڪري ويڊيو ڀري وائرل ڪئي جيڪو عمل انساني حقوق جي لتاڙ آهي ڏوھارين کي به اھڙو عمل نه ڪرڻ گھرجي ويڊيو سان گھر وارن ۾ ڏک جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي اھڙيون ويڊيو وائرل ڪرڻ قانون جي رٽ کي سرعام چيلينج ڪرڻ آهي ڪنڌ ڪوٽ ۾ آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي آمد تي اسين احتجاج ڪندي مطالبو ڪريون ٿا ته اسان جو نوجوان بازياب ڪرائي جوابدارن ڏوھارين کي گرفتار ڪري عبرت جو نشاڻو بڻايو وڃي