ڪنڌڪوٽ : پوليس ھٿان قتل ٿي ويل برادري جي نوجوانن جي قاتل جي گرفتاري لاء احتجاجي  مظاهرو ڪندي

غوثپورشھر ڀرسان ڪچي ڪيٽي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ماڻھن جي جديد ھٿيارن سان ھڪ ٻئي مٿان فائيرنگ ۾ ھڪ نوجوان ميرحسن اوڳاھي مارجي ويو۔ جڏھين ته ست ڄڻه سخت زخمي ٿي پيا۔ زخمين ۾ ٻنھي ڌرين جا ماڻھو شامل آھن جن۾ ھڪ عورت به شامل آھي۔ زخمين ۾ شاھنواز۔ بدلو۔ عبدالغفار۔ غلام شبير۔ نورحسن۔ رياض ۽ مسمات جانل شامل آھن۔ زخمين ۾ ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کين سکر اسپتال موڪليو ويو۔ واقعي جو ڪارڻ رسول بخش ۽ جلال اوڳاھي جي ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو ڪارنھن تڪرار تان پيش آيو۔ ذريعن ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين جي ھلندڙ جھيڙي ۾ ڀلڙ اوڳاھي جي گھرن ۾ گوليون ڪريون جنھن ڳالھ تان جھيڙو وڌي ويو ۽ نوجوان ميرحسن سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي سکر اسپتال نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو۔ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه وري گرفتاري عمل نه  اچي سگهي