ڪنڌڪوٽ :ھاءِ پروفائيل ڪيس پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل پوليس اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگھي پي ايڇ ڊي ڪيل پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي تي سنڌ جي شعور ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ يونائیٽيڊ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ايس يو

ڪنڌڪوٽ :ھاءِ پروفائيل ڪيس پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل پوليس اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگھي پي ايڇ ڊي ڪيل پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي تي سنڌ جي شعور ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ يونائیٽيڊ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ايس يو پي آفيس کان روشن علي ٻرڙو، جڳديش آھوجا، غلام مصطفيٰ چانڊيو، ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، شاھنواز مرھيٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول سوسائٽي جي سوين ڪارڪنن ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين ريلي جي صورت ۾ گھنٽا گھر چوڪ کان ٿيندا ايس ايس پي آفيس پھچي احتجاجي ڌرڻي ھڻي پروفيسر جي قاتلن جي گرفتاري، قبيلائي جھیڙا ختم ڪيو سرداري نظام ختم ڪيو جي زوردار نعريبازي پڻ ڪئي انھي موقعي تي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائیندي اڳواڻن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قتل سان سنڌ جو جيڪو نقصان ٿيو آهي اھو ڪڏھن به ڀرجي نه سگھندو ھي ھڪ فرد جو نه پر سڄي سنڌ جي شعور جو قتل آهي قبيلائي تڪرارن ۾ واڌ ۽ بیگناہ انسانن جي قتل عام ۾ پوليس، حڪومت، سردار، مير، پير وڏيرا سڀ ملوث آهن قبيلائي تڪرارن جي آڙ ۾ قاتل سري عام ھٿياربند بڻجي گھمندو آهي پر پوليس ذاتي دشمني آهي جو چئي خاموش ٿي ويندي آهي جنھن ڪري قبيلائي تڪرارن ۾ بيگناہ عوام جو قتل عام ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري سنڌ ڌرتي جو دنيا ۾ نالو روشن ڪندڙ پروفيسر اجمل ساوند به نشانو بڻجي ويو آهي اسين پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريون ٿا قاتل گرفتار ٿي ڪيفر ڪردار تي پھچندا ته سنڌ ۾ خوني تڪرارن، قبيلائي تڪرارن جو ناسور ختم ٿيندو