ٺڪراٺو : جو صحت مرڪز اپ گريڊ نه ٿي سگهيو اسپتال ۾ نانگ,وڇون جي ڪکڻ توڙي ڪتن جي ڏاڙھڻ جي وئڪسين به ناهي ڳورهارين عورتن کي ويم لاء پنوعاقل, سکر, سلطانپور خانپور مھر ۾ ڊليوري ڪرائڻ تي مجبور آھيون

ٺڪراٺو : جو صحت مرڪز اپ گريڊ نه ٿي سگهيو اسپتال ۾ نانگ,وڇون جي ڪکڻ توڙي ڪتن جي ڏاڙھڻ جي وئڪسين به ناهي ڳورهارين عورتن کي ويم لاء پنوعاقل, سکر, سلطانپور خانپور مھر ۾ ڊليوري ڪرائڻ تي مجبور آھيون ايمبولينس جي سهولت به نه ھجڻ ڪري ڪيتريون ئي عورتون رستي ۾ فوت ٿي وڃن ٿيون ٺڪراٺو صحت مرڪز کي اپ گريڊ ڪري صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن نه ته سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي سڄاڻ شھري رپورٽ موجب 50 ھزار کن مٿي آبادي سان تعلق رکندڙ قديمي شھر ٺڪراٺو مبارڪپور روپهر ۽ ڀرپاسي جي عوام صحت جي مڙني سهولتن کان محروم بڻيل آهي ان سلسلي ۾ هتان جي شھرين سماجي اڳواڻن محمد عمر مهر امان الله مهتم زاهد حسين منگي احمد حسين منگي محمد يوسف مھتم رحمت الله منڱريو سجاد سومرو سميت شعوري ڌرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺڪراٺي مبارڪپور روپهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي عوام صحت جي سهولتن کان بلڪل محروم بڻيل آھي جنهن سبب ماڻھو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھن صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب اڪثر ماڻھو سکر پنوعاقل ۽ ٻين شھرين ڏانهن ايمرجنسي جي صورت ۾ مريض کڻائي وڃن ٿا روڊ رستا خراب ھجڻ ۽ ايمبولنس جي سھولت نه ھجڻ ڪري ڪيترائي مريض رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏين ٿا ۽ ٺڪراٺي مبارڪپور روپهر جي بنيادي صحت مرڪزن ۾ نانگ جي ڪکڻ وڇون جي ڏنگڻ ڪتن جي ڏاڙھڻ جي ڪابه وئڪسين موجود ناهي جنهن سبب هتان جا هزارين ماڻھو سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن ۽ پرائيوٽ اسپتالن جون ڳريون فيسون ڀري علاج ڪرائڻ تي مجبور بڻيل آھن هنن چيو ته ڳورهارين عورتن کي ويم دوران سهولتون نه هجڻ ڪري سکر پنوعاقل يا وري سلطانپور کڻائي وڃون ٿا ته رستي ۾ يا ته عورت فوت ٿي وڃي ٿي يا وري ٻارڙا پيٽ ۾ دم ڏئي ڇڏين ٿا هنن پي ڊي ايم اي سنڌ هتان جي تڪ مان چونڊيل وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھُ ايم پي اي ڄام اڪرام ڌاريجو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھُ صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊي ايڇ او سکر ۽ ڊي سي سکر کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ۽ شھر جي بنيادي صحت مرڪز کي اپ گريڊ ڪري صحت جي سھولتن سميت 1122 ايمبولنس جي سخت ضرورت آھي جيڪا جلد مھيا ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڊگھي اجتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي