ڪنڌڪوٽ:بنگوار برادري جو بخشاپور پوليس خلاف احتجاج.ڪنڌڪوٽ غريب آباد جا رهائشي لال دين، هيرالدين ۽ زين الدين بنگوار احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان 2020 ۾ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي شھر آيا آھيون ۽ پنهنجي ڀائرن شعبان نياز علي نيازو صدام شھنواز نوز علي کان اخبارن ۾ لاتعلقي ڏئي ڇڏيو آهي.ان باوجود به بخشاپور پوليس گهرن تي ريٽ ڪري پريشان ڪري ٿي.هنن چيو ته شعبان وارن جو ۽ دنگل مير دلبر ۽ پپو بنگوار وارن سان جهيڙو هلندڙ آھن ۽ ٻئي ڌريون اسان کي ڌمڪيون ڏين پيا پر پوليس اسن کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ اسان کي ناجائز تنگ ڪري رهي آهي.هنن اعليٰ عدليه. آءِ جي سنڌ. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه. ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ وس وارن کا مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سا انصاف ڪيو وڃي.