پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي مافيا به سرگرم، قيمتن ۾ هٿرادو واڌ ڪري ڇڏي

لاهور: ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ آئيني بحران مان فائدو کڻندي گيس مافيا قيمتن ۾ هٿرادو واڌ ڪري ڇڏي.ايل پي جي ايسوسيئيشن موجب پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي قيمت ۾ 10 روپيه في ڪلو بنا ڪنهن سبب جي واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ گهريلو سلينڊر 120 روپيه ۽ ڪمرشل 450 روپيه مهانگو ٿي ويو.سرڪاري قيمت 229 روپيه في ڪلو جي بجاءِ ملڪ جي وڏن سمورن شهرن ۾ ايل پي جي قيمت 310 روپيه في ڪلو تائين پهچي وئي.جابلو ۽ پري وارن علائقن ۾ 330 روپيه جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 360 روپين ۾ ايل پي جي وڪرو ڪئي پئي وڃي.