ايس ايس پي گھوٽڪي جي هدايت تي گھوٽڪي پوليس جو رائونتي ڪچي ۾ ڏوهاري راهب شر خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ڏوهارين پاران پوليس کي ڏسندي جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو گھوٽڪي پوليس ٽين ڪلاڪن جي مسلسل مقابلي بعد چار ڏوهاري زخمي ڪرڻ جي دعوا ڪري واپس ٿئي وئي ڏوهارين پاران گھوٽڪي پوليس جي اهڙي دعوا کي رد ڪندي سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته اسان جو ڪو به ڏوهاري زخمي ناهي ٿيو گھوٽڪي پوليس جي جديد چين اي پي سين کي نقصان رسيو آهي پوليس ڀڃي وئي آهي، ايس ايس پي گھوٽڪي ڏوهارين جي اهڙي بيان کي رد ڪندي چيو ته چين اي پي سين کي نقصان واري ڳالھ ۾ ڪا به صداقت ناهي چين اي پي سين جا ڏيکاريل لوھ جا ٽڪرا پراڻا آهن ڏوهاري جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو اڃان وڌيڪ جديد چين اي پي سي طلب ڪيون آهن تمام جلد گھوٽڪي پوليس کي وڏي ڪاميابي ملندي، ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو تفصيل موجب رائونتي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ گھوٽڪي پوليس سنڌارا ٻڌي ميدان تي لاهي پئي ڏوهاري راهب شر جي گهر کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو،ته ڏوهارين پاران جديد هٿيارن سان فائرنگ پڻ ڪئي وئي گھوٽڪي پوليس ٽن ڪلاڪن جي فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ گھوٽڪي پوليس چار ڏوهاري زخمي ڪرڻ جي دعوا ڪري خالي هٿين واپس پوليس جي واپسي کان پوءِ ڏوهاري راهب شر سوشل ميڊيا ذريعي ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته گهوٽڪي پوليس منهنجو ڪجهه نه ٿئي ڪري سگهي منهنجي برادري جا ماڻهو پوليس کي وٺي منهنجي گهر مٿان چڙهائي ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني اسان به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن نتيجي ۾ پوليس جون جديد چين اي سين جا ٽڪرا اڏامي ويا جنهن کان پوءِ پوليس واپس هلي وئي انهي ويڊيو بيان ايس ايس پي گھوٽڪي کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته تمام جلد مان توهان جو مهمان آهيان هوشياري ڪيو هوڏانهن ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو جو چوڻ آهي ته ڏوهاري راهب شر بوڪلاهٽ جو شڪار آهي جديد چين اي پي سين کي نقصان واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي پوليس جا جوان سنڌرا ٻڌي نڪتا آهن تمام جلد گھوٽڪي پوليس کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿيندي ڏوهارين جو گهيرو تنگ آهي ٻه وڌيڪ چين اي پي سي طلب ڪيون آهن ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو