اٽڪ: ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت تي تڪرار تي نوجوان قتل ٿي ويو.پوليس موجب واقعو جنڊ تعلقي جي مضافاتي علائق موضع چڦڙي ۾ پيش آيو جتي دڪاندار قيمت تي تڪرار تي خريدار سان بدسلوڪي ڪئي.مقتول جي والد ٻڌايو ته ڪڪڙ جو گوشت وٺڻ ويس ته دڪاندار سان قيمت تي معمولي تڪرار ٿيو، قيمت وڌيڪ هجڻ جو چيو ته دڪاندار ڌمڪي ڏني ۽ بدتميزي ڪئي، گھر وڃي پٽ کي ٻڌايو ته ان وڃي دڪاندار سان بدسلوڪي بابت دريافت ڪيو.مقتول جي والد جو چوڻ هو ته دڪاندار ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي منهنجي پٽ کي ڇُرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو.پوليس موجب واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ٻئي جي ڳولا جاري آهي.ٻي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري متاثر خاندان جي گھر وڃي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته ظلم جو نظام ۽ اونداهي واري رات جلد ختم ٿيڻ واري آهي.