ٽنڊوالهيار وي جهو خوفناڪ روڊ حادثو: 5 ڄڻا فوت

ٽنڊوالهيار: وي جهو خوفناڪ روڊ حادثي دوران 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا آهن.باءِ پاس ويجهو ٽنڊوالهيار ٽنڊو سومرو روڊ تي تيز رفتار ڪوچ موٽر چنگچي سائيڪل مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار 5 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا.پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته فوت ٿي ويلن ۾ 45 ورهين جو خدا بخش خاصخيلي، 14 ورهين جو عبدالڪريم خاصخيلي، 9 ورهين جو عبدالرحيم خاصخيلي، 12 ورهين جو سڪندر خاصخيلي ۽ 8 ورهين جو لال محمد خاصخيلي شامل آهن.