نوشهروفيروز سنڌ جرنلسٽ يونين جي اڳواڻ يونس راڄپر، آزاد صحافت زنده باد، ظلم جو راڄ نه مڃيندي نعرن سان سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو پنهنجي وفد سان گڏ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ چيو ته صحافي غريب عوام جو آواز آهن ۽ انصاف صرف آزاد صحافت سان ئي ملندو آهي، ظالم جي اڳيان صحافي جي قلم نه جھڪي آهي نه جهڪندي وڌيڪ هنن ضلعي انتظاميا کي چتاءُ ڏنو ته پنهنجو قبلو درست ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ ڪير به صحافت جي قلم کي سچ لکڻ کان روڪي نٿو سگهي.