ڪلفٽن چائنا پورٽ ڀرسان هٿ پير ٻڌل عورت جي لاش ملي پوسٽ مارٽم ۾ شديد تشدد جا انڪشاف

ڪراچي جي ڪلفٽن چائنا پورٽ ڀرسان عورت جي هٿ پير ٻڌل حالت ۾ ملندڙ لاش جي واقعي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس موجب لاش گذريل ڏينهن ملي هئي ۽ مقتولا جي عمر تقريباً 30 کان 35 سال جي وڌيڪ پڙھو

سکر ۾ وڪيلن جو ڪارونجهر ڪيس وفاقي آئيني عدالت منتقل ڪرڻ خلاف بائيڪاٽ ۽ احتجاج

سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر پاران ڪارونجهر جي ڪيس کي وفاقي آئيني عدالت ۾ منتقل ڪرڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو۔ وڪيلن هاءِ ڪورٽ سکر جي مک دروازي ٻاهران ڪرسيون رکي ويهي احتجاج ڪيو، جڏهن⁠ته وڌيڪ پڙھو

پراڻي سکر ۾ مائڪرو ڪالوني جي واٽر سپلاءِ لائين ڦاٽي روڊن تي پاڻي ڇوليون هڻڻ لڳو

پراڻي سکر نمائش واري شاهراهه بينظير ڀٽو وٽ يو سي 7 ۽ يو سي 9 کي پاڻي فراهم ڪندڙ مائڪرو ڪالوني جي واٽر سپلاءِ لائين رات دير سان ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، جنهن بعد شاهراهه بينظير ڀٽو سميت ميراني محله وڌيڪ پڙھو

گلشن معمار ۾ ڊڪيتي دوران مزاحمت تي فائرنگ هڪ شخص حياتي وڃائي ويٺو

ڪراچي جي گلشن معمار ناردرن باءِ پاس ڀرسان گهر ۾ ڊڪيتي جي واردات دوران مزاحمت تي فائرنگ ٿي، جنهن ۾ هڪ شخص جان وڃائي ويٺو۔ لواحقين موجب 15 کان وڌيڪ هٿياربند ڏوهاري گهر ۾ گهڙي پيا ۽ مزاحمت تي فائرنگ وڌيڪ پڙھو

غوثپور ڀرسان فائرنگ جو واقعو اسڪول ويندڙ رڪشه تي حملو ٻن معصوم ٻارن جي شهادت

غوثپور شھر ڀرسان تنگواني لنڪ روڊ تي جمال ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ عبدالحڪيم بجاراڻي وٽ اڻ ڄاتل هٿياربندن اسڪول ويندڙ چنگچي رڪشه تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او بخشاپور سڪندر پنھور جو ويھن ورهين وڌيڪ پڙھو

سندھ ريزرو پوليس ڀرتين ۾ بي ضابطگين وارو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي 9 ڊسمبر تي طلب ڪري ڇڏيو

سکر سنڌ ريزرو پوليس ۾ ضابطن جي ابتڙ ڪيل مبينه ڀرتين خلاف داخل درخواستن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ڌڻي ٿي، جتي عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي 9 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ: سياري کان اڳ ئي شهري لکڙين تي کاڌو پچائڻ تي مجبور

ڪراچي ۾ سياري جي اچڻ کان اڳ ئي گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ جاري آهي، جنهن سبب شهري سخت پرشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ پي آءِ بي ڪالوني ۽ ويجهڙن علائقن ۾ گذريل 20 ڏينهن کان گئس بند هجڻ سبب وڌيڪ پڙھو

پريالوءِ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج آبپاشي کاتي خلاف سخت نعريبازي

پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن پاران گڏ ٿي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي ريلي ڳوٺ قائم الدين اوڍو مان شروع ٿي مختلف رستن کان ٿيندي مين پوائنٽ تي پهتي، جتي شرڪت ڪندڙن وڌيڪ پڙھو

سکر بئراج وٽ ٽريلر جي ٽڪر ۾ ڀنگر برادري جا ٻه نوجوان سخت زخمي

سکر بئراج وٽ تيز رفتار ٽريلر لوڊر ڪارگو سان زوردار ٽڪرائي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀنگر برادري جا ٻه نوجوان سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مور ڀنگر ۽ سندس ساٿي شامل آهن، جيڪي پريالوءِ کان سکر جي ڪيلا وڌيڪ پڙھو

پريالوءِ ۾ جتوئي تڪرار تان ٽن نوجوانن جي قتل جو ڪيس داخل، 40 جوابدار نامزد

پريالوءِ ۾ الرا جتوئي تڪرار تان ٽن نوجوانن جي قتل بابت فيض محمد ٻُنڊو ٿاڻي تي 40 جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جيڪا محمد هاشم الرو جي فرياد تي درج ڪئي وئي۔ داخل ڪيل ڪيس ۾ وڌيڪ پڙھو