گهوٽڪي: ميرپورماٿيلو ڀرسان نامعلوم هٿياربندن جو صحافي نصرالله گڏاڻي تي حملو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل

ميرپورماٿيلو ۾ نجي ٽي وي جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي کي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، زخمي صحافي کي ميرپورماٿيلو اسپتال منتقل ڪيو ويو، صحافي جي حالت خراب هئڻ سبب کيس رحيم يار خان منتقل وڌيڪ پڙھو

ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، مقابلي لاءِ حڪومت هٿيار خريد ڪندي: شرجيل ميمڻ

 سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، مقابلي لاءِ حڪومت وڌيڪ هٿيار خريد ڪندي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينئر صوبائي وزير چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلا ٿي رهيا وڌيڪ پڙھو

ڪنڌڪوٽ لڳ نوجوان ٽريڪٽر جي هيٺان اچي ڪري فوت ٿي ويو مڙھ گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد چمني شاخ جو رھواسي حبيب الله پٽ عبدالواحد بهلڪاڻي ٽريڪٽر جي هيٺان اچي ڪري پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت م اسپتال م کڻي اچي رهيا هئا ته رستي م زخمن وڌيڪ پڙھو

لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ علاج دوران نوجوان فوت، وارثن ساهورن مٿان زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ 30 ورهين جو نوجوان چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج دوران فوت، وارثن مائٽن کاڌي ۾ زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي انصاف جي گهر ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل وڌيڪ پڙھو

شڪارپور ۾ پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري، ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ

 شڪارپور ۾ پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي. مختلف ٿاڻي جي حد ۾ قبائلي تڪرار ۾ ملوث مارفاڻي ۽ مهر برادري جي گرفتارين لاءِ قبيلائي جهيڙي ۾ مهر برادري جي شاگرد ۽ ڊي ايس آر پاڪستان رينجرز جي قتل وڌيڪ پڙھو

ميرپورٻرڙو ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري گهر واري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورٻرڙو ڀرسان ڳوٺ صالح ڪس چانڊاڻ ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ احسان ٻرڙو پنھجي نوجوان گهر واري 18 ورهين جي فريده کي پنھجي ڀاءُ وھاب ٻرڙو سان گڏجي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ آيل  نوجوان وڌيڪ پڙھو

ايراني صدر حادثو: صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏک جو اظهار

 ايراني صدر جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي جڏهن ته افسوسناڪ واقعي تي قومي جهنڊو به جهڪيل رهندو. صدر آصف علي زرداري ايراني صدر وڌيڪ پڙھو

هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر جي زندگي تي هڪ نظر

هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيندڙ ايراني صدر ابراهيم رئيسي 2021 کان اسلامي جمهوريه ايران جو صدر هو. 14 ڊسمبر 1960ع تي ايران جي شهر مشهد جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ ابراهيم رئيسي وڏو سياستدان، اسلامي قانوندان ۽ مصنف وڌيڪ پڙھو