آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي وڏو سياسي ڌڪ لڳو آهي، جتي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر راجا عبدالقيوم خان استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب راجا عبدالقيوم خان کي ايندڙ چونڊن لاءِ مسلم ليگ (ن) طرفان پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ سبب هن پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ڄاڻايل آهي ته هو اڄ پنهنجي ساٿين سميت باقاعده طور آءِ پي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته راجا عبدالقيوم خان ايندڙ عام چونڊن ۾ حلقو کاؤڙا تان استحڪام پاڪستان پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندو. ياد رهي ته هن 2021ع جي چونڊن ۾ ساڳئي تڪ تان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.پارٽي قيادت طرفان ثاقب مجيد راجا کي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ بعد راجا عبدالقيوم خان سخت تحفظات ۽ ناراضگي ظاهر ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هن ن ليگ سان رستا جدا ڪري آءِ پي پي ۾ شامل ٿيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي.