آغا رفيع الله جو پرڏيهي وزارت جي دستاويزن جي تصديق وارو نظام آئوٽ سورس ۽ ڊجيٽل بڻائڻ جو مطالبو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر آغا رفيع الله وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي پرڏيهي وزارت جي دستاويزن جي تصديق واري موجوده نظام تي تحفظات ظاهر ڪندي ان کي جديد، ڊجيٽل ۽ عوام دوست بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
خط ۾ هن چيو ته پرڏيهي وزارت جي آفيس ٻاهران شهرين جي ڊگهي قطارن ۽ رش سبب ماڻهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته پري وارن علائقن مان ايندڙ شهرين کي سفري خرچن سان گڏ ڊگهو انتظار به ڪرڻو پوي ٿو.
آغا رفيع الله مطالبو ڪيو ته دستاويزن جي تصديق وارو نظام آئوٽ سورس ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ سهولت مرڪز قائم ڪيا وڃن ۽ درخواستون ۽ فيس آن لائن وصول ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزارت کي ڪيو آر ڪوڊ ذريعي دستاويزن جي ڊجيٽل تصديق جو نظام به شروع ڪرڻ گهرجي.
هن جو چوڻ هو ته انهن سڌارن سان تصديقي نظام جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت بهتر ٿيندي، شهرين جا سفري خرچ ۽ وقت بچندو، جڏهن ته اهي تجويزون حڪومت جي ڊجيٽل پاڪستان ۽ اي گورننس واري ويزن سان پڻ هم آهنگ آهن۔