آمدني وڌائڻ لاءِ ماهرن جون اهم صلاحون

لاهور: موجوده مهانگائي سبب وڌندڙ مالي دٻاءَ جي صورتحال ۾ ماهرن نوجوانن کي آمدني وڌائڻ لاءِ اهم صلاحون ڏنيون آهن.ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان فري لانسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ابراهيم امين چيو ته نوجوان پنهنجي موجوده پيشاورانه مهارتن کي بهتر بڻائي وڌيڪ روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهن ٿا.هن صلاح ڏني ته فري لانسنگ، اي ڪامرس ۽ ٻين جديد ڊجيٽل مهارتن کي سکڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، جيئن اضافي آمدني جا ذريعا پيدا ڪري سگهجن.

ابراهيم امين وڌيڪ چيو ته مالي استحڪام لاءِ ذاتي بجيٽ کي منظم ڪرڻ، غير ضروري خرچ گهٽائڻ ۽ هڪ کان وڌيڪ آمدني جا ذريعا پيدا ڪرڻ موجوده وقت جي اهم ضرورت آهي.