واشنگٽن: آمريڪا ايران تي تيل جون پابنديون ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪي ناڻي واري وزارت موجب اهو فيصلو آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن تي حملن کان پوءِ ڪيو ويو.آمريڪا ايران کي تيل وڪڻڻ لاءِ ڏنل رعايت به گهٽائي ڇڏي آهي. پابندين جي اعلان کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌي وئي.هوڏانهن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ايران ۾ مخصوص هدفن تي هوائي حملا ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهي ڪارروايون واپاري جهازن تي حملن جي جواب ۾ ڪيون پيون وڃن