واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪا جي 250هين آزادي واري ڏهاڙي جون تقريبون ملهايون ويون، جنهن دوران صدر ڊونلڊ ٽرمپ قوم کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا جي باني اڳواڻن اهڙو آئين ڏنو، جيڪو ملڪ کي متحد رکندو اچي.سخت طوفانن ۽ گرمي جي شديد لهر سبب آزادي واري ڏهاڙي جون ڪيتريون ئي تقريبون، جن ۾ واشنگٽن ڊي سي جي مرڪزي تقريب پڻ شامل هئي، متاثر ٿيون، جنهن کانپوءِ صدر ٽرمپ دير سان قوم کي خطاب ڪيو.صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب دوران هڪ تاريخي آمريڪي جهنڊو به ڏيکاريو، جنهن بابت هن چيو ته اهو 1777ع جو جهنڊو آهي. سندس موجب، جهنڊي تي موجود 13 تارا ۽ 13 پٽيون انهن شروعاتي 13 رياستن جي نمائندگي ڪن ٿيون، جن 4 جولاءِ تي آزاديءَ جو اعلان ڪيو هو. هن ان موقعي تي آمريڪي قدرن، قومي اتحاد ۽ آئيني اصولن کي پڻ ساراهيو.