اسلام آباد: آمريڪا پاڪستان جي شهر پشاور ۾ قائم پنهنجو قونصل خانو مستقل طور بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جا سمورا سفارتي معاملا اسلام آباد ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني حوالي ڪيا ويا آهن.آمريڪي حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پشاور قونصل خاني جي ويب سائيٽ ۽ سوشل ميڊيا پيجز به بند ڪيا ويا آهن. هاڻي خيبرپختونخوا بابت سموريون ڄاڻون ۽ سرڪاري اپڊيٽس اسلام آباد ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني ذريعي جاري ڪيون وينديون.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قونصل خانو بند ٿيڻ باوجود آمريڪا خيبرپختونخوا سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي. ان مقصد لاءِ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني هيٺ هڪ نئون خيبرپختونخوا يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو صوبي ۾ آمريڪي سفارتي سرگرمين جي نگراني جاري رکندو