آمريڪا ۾ آمريڪن ايئرلائنز جي هڪ اڏام دوران مسافر جي ليپ ٽاپ ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 4 مسافر زخمي ٿي پيا.
آمريڪي ميڊيا موجب واقعو جمعي ڏينهن آمريڪن ايئرلائنز جي پرواز 2398 ۾ پيش آيو. اڏام اٽلانٽا کان ڊيلاس فورٽ ورٿ انٽرنيشنل ايئرپورٽ وڃي رهي هئي ته جهاز جي پوئين حصي ۾ ڪيبن اندر ليپ ٽاپ ۾ باهه لڳي وئي.
فضائي عملي فوري ڪارروائي ڪندي ٿرمل ڪنٽينمينٽ بيگ جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو. پائلٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي اطلاع ڏنو ته جهاز جي پوئين حصي ۾ باهه لڳي آهي ۽ فلائيٽ اٽينڊنٽس ان کي وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
پائلٽ موجب اڏام ۾ 133 ماڻهو سوار هئا. واقعي کانپوءِ جهاز ڊيلاس فورٽ ورٿ انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حفاظت سان لينڊ ڪري ويو.