وفاقي وزير منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن بابت احسن اقبال اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي پيشاوراڻين خدمتن جي اعتراف طور کين جلد پاڪستان ۾ باضابطه نمائندگي ڏني يندي.فلوريڊا ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي تنظيم “اپنا” جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽر ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. هن چيو ته حڪومت سندن مهارت، تجربي ۽ صلاحيتن مان پاڪستان جي صحت واري شعبي جي بهتري لاءِ ڀرپور فائدو وٺندي.