آمريڪي اخبار جي دعويٰ: ٽرمپ ايران خلاف فوجي ڪارروائي وڌائڻ تي غور ۾

واشنگٽن (16 جولاءِ 2026): آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف فوجي ڪارروائي وڌائڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي.رپورٽ موجب ٽرمپ اعليٰ عملدارن کان ڪيترن ئي ڏينهن تائين بريفنگ وٺڻ کان پوءِ ايران تي هوائي حملن ۾ واڌ، آبنائي هرمز ڀرسان ايراني ٻيٽن تي قبضي لاءِ زميني فوج موڪلڻ ۽ اهم هنڌن کي نشانو بڻائڻ وارن آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي.اخبار موجب اڱاري جي شام ٿيل اجلاس ۾ آمريڪي حڪومتي ۽ فوجي عملدارن جزيرو خرگ، ٻين اهم علائقن ۽ هڪ سرنگي ڪمپليڪس تي ممڪن ڪارروائي بابت به خيال ونڊيا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس دوران ايران جي جوهري تنصيبات ۽ توانائي مرڪزن کي نشانو بڻائڻ جي امڪانن تي پڻ غور ڪيو ويو.ٻئي طرف صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو ايران کي ڪنهن به ڪارروائي لاءِ ڊيڊ لائين ڏيڻ پسند نٿو ڪري. سندس چوڻ هو ته ايران ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، پر پهرين کيس پنهنجو رويو بهتر بڻائڻو پوندو، ان کان پوءِ ئي ڪنهن ممڪن معاهدي بابت فيصلو ڪيو ويندو.