آڊيو ليڪ: بار ڪائونسلز پاران سپريم ڪورٽ جي جج خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: سڄي ملڪ جي بارڪائونسلز گذريل ڏينهن ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي آڊيو ليڪ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جج جي خلاف ايندڙ هفتي ۾ سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين حسن رضا پاشا صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ سڀني صوبائي بار ڪائونسلز، اسلام آباد بار ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ميمبرن جوڊيشل ڪونسل کي سڏ ڏنو آهي ته هاڻوڪي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪري.هنن ٻڌايو ته اجلاس ۾ آڊيو ليڪ جو معاملو اٿاريو ويو آڊيو ليڪز جي فارنزڪ جو مطالبو چيف جسٽس کان ڪيو هو پر سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي مطالبي تي ڪو به رد عمل ناهي ڏنو.هنن چيو ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج خلاف سڀ جو سڀ بار ڪائونسلز الڳ الڳ ريفرنس فائل ڪنديون. آرٽيڪل 200 نوَ جي تحت سپريم ڪورٽ جي جج جي خلاف ريفرنسز ايندڙ هفتي داخل ڪيا ويندا. سنڌ، بلوچستان، پشاور، لاهور، اسلام آباد ۽ پاڪستان بار ڪائونسل ريفرنسز داخل ڪنديون.حسن رضا پاشا جو چوڻ هو ته چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو هو ته آڊيو ڪوڙي آهي يا سچي، ذميوارن کي سزا ڏيو جن ججن کي نظرانداز ڪري جونيئر جج مقرر ڪيا ويندا آهن اهي جذبي سان ڪم ناهن ڪندا، جيڪي جج سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي قابل ناهن اهي هاءِ ڪورٽ ۾ رهڻ جي به قابل ناهن.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل عابد زبيري کي نوٽيس جاري ڪندي ۽ کانئس جواب وٺندي، اميد آهي ته آڊيو ليڪ کانپوءِ جج عهدي تان استعيفيٰ ڏيندا.سندس چوڻ هو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل هو انڪري حڪومت جسٽس فائز عيسيٰ جي ريفرنس واري فيصلي تي نظرثاني اپيل واپس وٺي.