بالي ووڊ ڇڏيندڙ اداڪارا ثنا خان کي پٽ ڄائو آهي.ثنا خان 2020ع ۾ بالي ووڊ کي ڇڏي ڏنو هو ۽ 2021ع ۾ مفتي انس سيد سان شادي ڪئي هئي.شادي کان پوءِهو خوشگوار زندگي گذاري رهي هئي.ثنا خان وٽ پٽ اولاد ٿيو آهي ۽ هن اها خوشخبري پاڻ پنهنجي اڪائونٽ ذريعي مداحن کي ڏني.ثنا پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته خدا مقدر ۾ لکيو، پوءِ ان کي پورو ڪيو ۽ سولو ڪيو.سندس چوڻ هو ته جڏهن خدا ڏيندو آهي ته مسرت سان گڏ ڏيندو آهي، خدا اسان کي پٽ ڏنو آهي.ثنا خان وڌيڪ لکيو ته اولاد خدا جي امانت آهي ۽ ان کي بهترين بنائڻو آهي. هن دعائن تي مداحن جا ٿورا به مڃيا.