لاهور جي سيشن عدالت اداڪارا مومنہ اقبال کي مبينا طور هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ ملزم ثاقب چڌڙ کي جاچ آفيسر آڏو پيش ٿي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
عدالت ٻڌڻي دوران ملزم جي عبوري ضمانت ۾ 13 جولاءِ تائين واڌ ڪندي هدايت ڪئي ته هو قانون موجب جاچ ڪندڙ ادارن سان مڪمل سهڪار ڪري ۽ فوري طور لاڳاپيل جاچ آفيسر آڏو پيش ٿئي.سيشن عدالت پراسيڪيوشن کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو سمورو دستاويزي ۽ ڊجيٽل رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن ڪارروائي اڳتي وڌائي سگهجي.ياد رهي ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي اداڪارا مومنہ اقبال جي شڪايت تي ملزم ثاقب چڌڙ خلاف ڪيس داخل ڪري چڪي آهي. اداڪارا جو موقف آهي ته ملزم کيس مسلسل هراسان ڪري ذهني اذيت پهچائي رهيو آهي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.