فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي هڪ انتهائي دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلي ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا اضافي وقت ۾ ڪيپ ورڊي کي 2-3 تان شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل (آخري 16) لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.مقرر وقت جي پڄاڻي تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلو 1-1 گولن سان برابر رهيو، جنهن کان پوءِ ميچ جو فيصلو اضافي وقت ۾ ٿيو. اضافي وقت دوران ارجنٽينا ٻه جڏهن ته ڪيپ ورڊي هڪ گول اسڪور ڪيو.ارجنٽينا طرفان ليونل ميسي، ليسانڊرو مارٽينيز گول ڪيا، جڏهن ته هڪ گول ڪيپ ورڊي جي رانديگر جي اون گول سبب ارجنٽينا جي کاتي ۾ ويو. ڪيپ ورڊي لاءِ ڊيروئي ڊوارٽي ۽ سڊني لوپس ڪابرال گول اسڪور ڪيا.ليونل ميسي شروعاتي گول ڪري ارجنٽينا کي برتري ڏياري، پر ڪيپ ورڊي شاندار مزاحمت ڪندي مقابلو برابر ڪري اضافي وقت تائين کڻي وئي. اضافي وقت ۾ ٿيل هڪ بدقسمت اون گول ارجنٽينا لاءِ فيصلائتو ثابت ٿيو، جنهن جي مدد سان دفاعي چيمپيئن 2-3 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورلڊ ڪپ جي آخري 16 مرحلي ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي۔