اسرائيل ويندڙ 5 پاڪستانين کان پڇا ڳاڇا دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

اسرائيل وڃڻ جي ڏوهه ۾ حراست هيٺ 5 پاڪستانين جي حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته اسرائيل ۾ انهن جا مٽ مائٽ به موجود آهن ۽ هنن جاچ ڪندڙن کي ٻڌايو ته اسان اسرائيل ۾ پنهنجي سڃاڻپ لڪائي هئي ته جيئن ڪو نقصان نه پهچايو وڃي.ايف آءِ اي ميرپورخاص جي 5 ڄڻن محمد انور، محمد ڪامران صديقي، ڪامل انور، محمد ذيشان ۽ نعمان صديقي کي ان وقت گرفتار ڪيو هو، جڏهن اسٽيٽ بئنڪ اسرائيل مان ايندڙ ناڻي جي نشاندهي ڪئي.ٿوري ٿوري رقم ويسٽرن يونين ذريعي ميرپورخاص موڪلي وئي، جنهن جي شاخ شهر جي ڊاڪخاني ۾ موجود آهي.6 سالن جي عرصي ۾ مجموعي طور 20 لک رپيا موڪليا ويا، اهي ماڻهو اسرائيل ۾ گاڏيون ڌوئڻ ۽ هيلپر طور ڪم ڪندا هئا.ايف آءِ اي جي هڪ اهلڪار موجب ان فيملي جا تقريبن 8 ماڻهو اهڙا آهن، جن مختلف وقتن ۾ اسرائيل جو سفر ڪيو آهي، انهن مان ڪجهه 2021 ۽ ڪجهه 2022 ۾ واپس آيا، انهن مان ٽي ضعيف ۽ بيمار آهن، ايف آءِ آر ۾ انهن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا.جاچ دوران انهن مان هڪ اسرائيل ۾ رهندڙ هڪ ماسي (نالي رفقه) بابت انڪشاف ڪيو آهي، اها عورت پاڪستان مان تقريبن 40 سال اڳ اسرائيل هجرت ڪري وئي هئي، سندس پيءَ ايران ڄائي يهودي عورت سان شادي ڪئي هئي، جنهن پوءِ اسلام قبول ڪري ورتو، رفقه جا ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ آهي، جن جا نالا محمد انور، محمد اسلم ۽ ستارا آهن.ايف آءِ اي عهديدار موجب اهي سمورا فرد پاڪستاني آهي ۽ اسرائيل جون سفر ڪري چڪا آهن، ستارا جو مڙس عبدالمجيد صديقي ۽ ٻه پٽ نعمان صديقي ۽ ڪامران صديقي به پاڪستان اچي چڪا آهن، جڏهن ته اسرائيل مان نعمان ۽ ڪامران رقم موڪلي هئي، جوابدارن ۾ شامل هڪ شخص ڪامل آهي، جيڪو انور جو پٽ آهي پر هاڻ هو اسرائيل واپس وڃي چڪو آهي.انهن ماڻهن جا سفري انتظام رفقه جي مڙس اسحاق ڪيا هئا، انور ايف آءِ اي کي ڏنل هڪ بيان ۾ چيو ته ان اسحاق کي سفري انتظامن ۽ تل ابيب ۾ ڪم ڳولڻ لاءِ 3 لک رپيا ڏنا هئا.ياد رهي ته اسرائيل اهڙو ملڪ آهي، جتي پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو نٿا وڃي سگهن.