اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪري هڪ مهيني دوران ٽوڙيون وينديون: خواجه آصف

سيالڪوٽ: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته هڪ مهيني اندر اسيمبليون پنهنجو مدو پوري ڪري ٽوڙيون وينديون.سيالڪوٽ جي علائقي ايمن آباد روڊ تي قائم نجي ميرج هال ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته پي ڊي ايم جون سياسي پارٽيون عام چونڊن جي لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو لائحه عمل اپنائينديون.هن چيو ته قوم کي پنهنجو ووٽ ڏيڻ جو حق ملندو ۽ عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت ذريعي ايندڙ حڪمرانن جي چونڊ ڪندو. گذريل 14 مهينن کان مخلوط حڪومت هلي رهي آهي جنهن جو مدو هڪ مهيني ۾ پورو ٿي ويندو. هن چيو ته اسان وٽ آپشن هئا ته فوري طور تي اسيمبليون توڙيون وڃن پر ان سان معيشت وڌيڪ تباهه ٿي وڃي ها. اسيمبليون ٽوڙڻ سان 14 مهينا اڳ ئي ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ها. الله جي ذات سبب پيدا ڪري اسان کي معاشي استحڪام طرف وڌايو. اسان کي مهلت ملي آهي ته ايندڙ چونڊون ۽ نگران حڪومت لاءِ معاشي نظم وضبط قائم ڪريون.خواجه آصف چيو ته ملڪ ۾ بجلي ۽ گيس چوري ٿي رهيو آهي جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ملڪ ڪڏهن به مستحڪم نه ٿيندو. اهڙا شهر به آهن جتي 85 سيڪڙو تائين بجلي ۽ گيس جي چوري ٿيندي آهي.هن چيو ته عدم اعتماد تحريڪ ان لاءِ ڪامياب ٿي ته پي ٽي آءِ دوستن جو به لحاظ نه رکيو. اسان پي ٽي آءِ جي دوستن کي عدم اعتماد ۾ استعمال نه ڪيو پر انهن جي اتحادين ذريعي عدم اعتماد تحريڪ ڪامياب بڻائي.دفاع واري وزير چيو ته هن شخص پنهنجي ساٿين جي روڪڻ باوجود اسيمبليون ٽوڙي حڪمراني جو تاج ڇڏيو. هن بيوقوفي ڪري حڪمراني جو تاج لاهي بالٽي مٿي تي رکي ڇڏي. سمورن حملن کان پوءِ پاڪ فوج جي ٺڪاڻن تي حملي جو منصوبو ٺاهيو ۽ ايتري غلطين کان پوءِ جيڪو پلان ٺاهيو اهو 9 مئي جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ اهو پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو.خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۾ سياست حوس ۽ اقتدار لاءِ نه هوندي آهي. اسٽيبلشمينٽ به اقتدار لاءِ غلطيون ڪيون. هن چيو ته پي ڊي ايم اڳواڻن گرفتاريون ڏنيون ڪوبه روپوش نه ٿيو. سياسي ڪارڪن مشڪل وقت کي عزت ۽ وقار سان منهن ڏيندا آهن پر پي ٽي آءِ جي اڳواڻن هن وقت جهڙي طرح مفرور آهن ائين ڪوبه فرار نه ٿيو آهي.