اڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي استعيفا قبول ڪرڻ ۾ پس و پيش ڪري رهيا آهن، پر اسان جو فيصلو اٽل آهي ۽ اسان ڪنهن به صورت ۾ استعيفا واپس نه کڻنداسين، ڇو ته هي باني پي ٽي آءِ جون واضح هدايتون آهن۔ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جا سڀئي ميمبر استعيفا ڏئي چڪا آهن، صرف اهي ميمبر رهجي ويا آهن جيڪي ملڪ کان ٻاهر آهن۔هن تجويز ڏني ته جيئن دهشتگردي خلاف نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو ويو، اهڙي ريت زلزلي ۽ سيلاب جهڙين آفتن خلاف به قومي سطح جو ايڪشن پلان ترتيب ڏيڻ گهرجي۔ هن جو چوڻ هو ته هي وقت الزام تراشي جو ناهي، ڇو ته ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن۔بيرسٽر گوهر زور ڏنو ته پاليسي اهڙي هجڻ گهرجي جنهن ۾ صرف پنجاب يا خيبرپختونخوا نه پر سڄو پاڪستان شامل هجي، ڪنهن به صوبي کي نقصان پهچي ته اهو سموري ملڪ جو نقصان آهي۔ هن مطالبو ڪيو ته روهڙي، سيالڪوٽ، وزيرآباد ۽ سوات ۾ سيلاب جي جاچ ٿيڻ گهرجي۔هن وڌيڪ چيو ته سياست ۾ ڪو مستقل دوست يا دشمن نه هوندو آهي، پاليسي وقت سان بدلبي آهي ۽ باني پي ٽي آءِ جو هر فيصلو اسان لاءِ قابل قبول آهي۔پي ٽي آءِ چيئرمين ٻڌايو ته في الحال قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب آهي، جڏهن ته باني پي ٽي آءِ محمود خان اچڪزئي کي نامزد ڪيو آهي، جيڪڏهن عدالتي اسٽي ختم ٿي وڃي ته اچڪزئي ئي اپوزيشن ليڊر هوندو۔بيرسٽر گوهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، پر ان جي باوجود اسان ڳالهين جي ڪوششڪئي ۽ ڪميٽي ٺاهي، جنهن لاءِ محمود خان اچڪزئي کي سياسي ماڻهن سان ڳالهين جو اختيار ڏنو ويو۔هن واضع ڪيو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جو موقف آهي ته قوم، ملڪ، آزاد عدالتي نظام ۽ جمهوريت جي خاطر هو ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، البت حڪومت سان ويهڻ جو ڪو ارادو ناهي، پر سياست ۾ ڪا ڳالهه حرف آخر نه هوندي آهي۔