سلام آباد: پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبيلن جي اسپيڪرن اليڪشن جي تاريخ جي اعلان لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڪي پي اسيمبلي جي مشتاق غني سپريم ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست ڏني آهي.درخواست ۾ صوبائي گورنرن، اليڪشن ڪميشن ۽ مملڪتي صدر، قانون واري وزارت، پارلياماني معاملن، ڪي پي ۽ پنجاب جي حڪومتن کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسيمبلين کي ٽٽڻ کي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، گورنر آئين موجب چونڊن جي تاريخ جو اعلان ناهن ڪري رهيا.درخواستگذارن چيو آهي ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ صوبائي گورنرن کي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏئي.