پشاور: گورنر خيبرپختونخواهه غلام علي مملڪتي صدر عارف علوي طرفان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ واري اعلان تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.صدر علوي 9 اپريل آچر ڏهاڙي تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اسيمبلين ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏئي ڇڏي، صدر اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 57 هڪ جي تحت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي.ان حوالي سان پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي چيو آهي ته مملڪتي صدر وٽ اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جو ڪو به اختيار ناهي.هن چيو ته سڀاڻي سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس آهي، انکانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.