انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر هيٺ اچڻ لڳو.انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر 37 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 277 رپين 4 پئسن جو آهي، گذريل ڏينهن ڊالر 277 رپين 41 پئسن تي بند ٿيو هو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو گهٽ ٿيو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 280 رپين جو آهي.