ڪراچي:پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترائي ملڪ اڃا تائين ففٿ جنريشن ٽيڪنالاجي متعارف ناهن ڪرائي سگهيا پر هڪ اهڙو ملڪ به آهي جيڪو وڌيڪ جديد سيليولر ٽيڪنالاجي لانچ ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي.ڏکڻ ڪوريا طرفان 5 سالن جي اندر 6 جي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ڏکڻ ڪوريا جي سائنس واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 6 جنريشن نيٽ ورڪ سروسز کي 2028 تائين ڏکڻ ڪوريا ۾ متعارف ڪرايو ويندو.