ايبٽ آباد ۾ حادثو: اسڪول ويندڙ 3 ٻارڙا فوت، 5 زخمي

ايبٽ آباد ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي ايف بي آر آفيس ويجهو ڊمپر اسڪول ويندڙ ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو. حادثي ۾ 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 ٻيا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل ٻارڙن جا لاش ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوتين ۾ 10 ورهين جو ريحان، 14 ورهين جي منال ۽ سواد خان شامل آهن. حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻارڙن ۾ 5 ورهين جي عروہ، 13 ورهين جي سويرا، يشفا ۽ 11 ورهين جو احتشام شامل آهن. اسپتال ۾ زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي هن حادثي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي ۽ والدين سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن.