ايران جو ٽرمپ کي سخت جواب، “احترام نه ٿيو ته ساڳئي انداز ۾ جواب ڏنو ويندو”

ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محمد باقر ذوالقدر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن احترام جي دائري ۾ رهي ڳالهه نه ڪئي وئي ته ايران به ٻي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيڻ تي مجبور ٿيندو.ايراني ميڊيا رپورٽن موجب محمد باقر ذوالقدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪي صدر طرفان 9 ڪروڙ 10 لک ايراني عوام کي ڌمڪيون ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول جوڳو ناهي. هن چيو ته ايران پنهنجي قومي خودمختياري، وقار ۽ عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ هر مناسب قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته باهمي احترام ۽ سفارتي اصول ئي مسئلن جي حل جو بهترين رستو آهن، پر جيڪڏهن ڌمڪي واري ٻولي استعمال ڪئي وئي ته ايران به ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ايراني اختيارين زور ڏنو ته علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڇڪتاڻ وڌائڻ بدران ڳالهين ۽ احترام تي ٻڌل پاليسي اختيار ڪرڻ ضروري آهي.