پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊر ان چيف احمد وحيدي چيو آهي ته ايران کي پنهنجي جارحاڻي ۽ دفاعي صلاحيتن ۾ تيزي سان اضافو ڪرڻو پوندو.
ايران انٽرنيشنل موجب احمد وحيدي چيو ته تيز رفتار فوجي تياري کي دشمن جي موجوده ۽ مستقبل جي سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ واحد دانشمندانه ۽ اثرائتي حڪمتِ عملي سمجهڻ گهرجي.هن چيو ته جنگ جي ميدان کي نئين نوعيت جي گڏيل ۽ فوجي جارحيت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تنهن هوندي به ايران پنهنجي دشمنن ۽ ملڪ جي بدخواهن طرفان لاحق خطرن خلاف مضبوط دفاعي حصار قائم ڪري ورتو آهي.
احمد وحيدي وڌيڪ چيو ته ايران اڀرندڙ عالمي نظام ۾ هڪ بي مثال ۽ بااثر طاقت بڻجڻ جو خواهشمند آهي.
سندس اهي بيان ايران جي قومي دفاعي صنعت جي ڏهاڙي جي موقعي تي دفاع واري وزير ڏانهن موڪليل پيغام ۾ سامهون آيا.