ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري صدا و سيما (آءِ آر آءِ بي) پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالیباف جو اڳواٽ رڪارڊ ٿيل انٽرويو نشر دوران اوچتو روڪي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پارليامينٽ ۾ احتجاج ٿيو ۽ سياسي طور حساس حصن کي سينسر ڪرڻ بابت قياس آرائيون شروع ٿي ويون.اسپيڪر جي ٽيم ان قدم تي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته انٽرويو نشر ٿيڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ ئي سرڪاري ٽي وي حوالي ڪيو ويو هو، تنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن حصي کي نشر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان کان اڳ پارليامينٽ سان صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي ها.ايران انٽرنيشنل موجب انٽرويو ان وقت روڪيو ويو جڏهن محمد باقر قالیباف پرڏيهه ۾ موجود ايران جي منجمد اثاثن کي آزاد ڪرائڻ جي طريقيڪار بابت وضاحت ڪري رهيا هئا.