ايس ايم ڊبليو 5 سب ميرين ڪيبل بحال، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس معمول تي

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) تصديق ڪئي آهي ته بين الاقوامي سب ميرين ڪيبل سسٽم SEA-۾ آيل خرابي مڪمل طور ختم ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ٻيهر معمول تي اچي وئي آهي.پي ٽي اي موجب ايس ايم ڊبليو 5 ڪيبل جي بحالي کان پوءِ بين الاقوامي انٽرنيٽ ٽرئفڪ مڪمل طور بحال ٿي وئي آهي ۽ سموريون انٽرنيٽ خدمتون هاڻي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي معمول مطابق هلي رهيون آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيبل ۾ خرابي سبب خميس جي رات کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ جي رفتار متاثر ٿي هئي، جنهن ڪري ڪيترن ئي صارفين کي آن لائن خدمتون استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.پي ٽي اي موجب مرمت جو ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انٽرنيٽ ٽرئفڪ معمول تي اچي وئي آهي ۽ صارفين کي هاڻي انٽرنيٽ جون خدمتون اڳ وانگر دستياب آهن.