فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) مالي سال 2026 لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس وصولين جو 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. اداري موجب 30 جون 2026 تي ختم ٿيندڙ مالي سال دوران مجموعي طور 13 هزار 601 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو ويو.ايف بي آر موجب مالي سال 2026 دوران 597 ارب رپيا ريفنڊ ادا ڪيا ويا، جڏهن ته خالص ٽيڪس آمدني 13 هزار 3 ارب رپيا رهي. اداري 12 هزار 983 ارب رپين جو ساليانو ٽيڪس هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيو.جولاءِ 2025 کان جون 2026 تائين انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 6 هزار 645 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس مان 4 هزار 731 ارب رپيا، ڪسٽم ڊيوٽي مان هڪ هزار 385 ارب رپيا ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي مان 840 ارب رپيا وصول ڪيا وياايف بي آر موجب گذريل مالي سال 2025 دوران مجموعي طور 12 هزار 237 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو ويو هو، جڏهن ته جون 2026 ۾ 1 هزار 753 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 1 هزار 812 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو.