ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر72 رپيا 57 پئسا سستو

ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 72 رپيا 57 پئسا سستو ڪيو ويو آهي. اوگرا موجب، ايل پي جي جي نئين قيمت پهرين مارچ کان لاڳو هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 11.8 ڪلوگرام جي سلينڊر جي نئين قيمت 2924 رپيا 31 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب، ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 6 رپيا 15 پئسا گهٽجڻ بعد 247 رپيا 82 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.