ايندڙ وفاقي بجيٽ جو حجم 18 هزار ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان، پگهارن ۽ ٽيڪس ۾ رليف جي تجويز

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جو حجم لڳ ڀڳ 18 هزار ارب رپيا ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته بجيٽ 12 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان آهي۔ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي، جڏهن ته پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس ۾ رليف ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃيذريعن جو چوڻ آهي ته سالياني 12 کان 22 لک رپيا آمدني رکندڙ ملازمن لاءِ ٽيڪس ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، جڏهن ته سپر ٽيڪس ۾ به ممڪن گهٽتائي تي غور جاري آهي۔ البت ڪارپوريٽ انڪم ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي۔ايندڙ بجيٽ ۾ ميڪ اپ جو سامان، سرخي پائوڊر، مسڪارا، شيمپو ۽ صابڻ سستا ٿيڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته اليڪٽرڪ گاڏيون، هائبرڊ ۽ پلگ اِن هائبرڊ گاڏيون مهانگيون ٿي سگهن ٿيون۔ذريعن موجب ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف 15 هزار 264 ارب رپيا مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته نان ٽيڪس آمدني جو هدف 2 هزار 768 ارب رپيا ٿي سگهي ٿو۔ ڊائريڪٽ ٽيڪسن مان 7 هزار 413 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس مان 4 هزار 727 ارب رپيا، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي مان 1 هزار 43 ارب رپيا ۽ ڪسٽم ڊيوٽي مان 1 هزار 651 ارب رپيا حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو وڃي سگهي ٿو۔پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي مد ۾ 1 هزار 727 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ٿي سگهي ٿو، جيڪو هلندڙ مالي سال جي 1 هزار 468 ارب رپين جي هدف کان 259 ارب رپيا وڌيڪ آهي۔ذريعن موجب ايندڙ مالي سال ۾ نان ٽيڪس آمدني جو هدف 2 هزار 768 ارب رپيا ۽ گئس سرچارج جي مد ۾ 151 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ٿي سگهي ٿو۔ وفاقي حڪومت جي سود ۽ قرضن جي ادائيگين تي 7 هزار 824 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جو اندازو آهي، جن مان 6 هزار 652 ارب رپيا ملڪي قرضن ۽ 1 هزار 107 ارب رپيا پرڏيهي قرضن جي ادائيگي تي خرچ ٿي سگهن ٿا۔