اٽلي ۾ پاڪستاني نوجوان نويد اسلم جي بهادري، پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ٻن معصوم ٻارن کي بچائي ورتو

اٽلي جي شهر بريشا ۾ رهندڙ پاڪستاني نوجوان نويد اسلم پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي هڪ سرڦري حملي آور کان ٻن معصوم ٻارن کي بچائي بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. نويد اسلم جو تعلق پاڪستان جي ضلعي گجرات سان آهي.
اطلاعن موجب بريشا جي هڪ مقامي پارڪ ۾ هڪ نائجيرين شهري اوچتو ٻن راند ڪندڙ ٻارن تي حملو ڪري سندن ڳچيون دٻائي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پارڪ ۾ موجود ماڻهو خوف سبب پوئتي هٽي ويا، پر نويد اسلم بنا دير حملي آور تي جهپٽ پائي کيس قابو ڪري ورتو ۽ پوليس پهچڻ تائين مضبوطي سان جهلي رکيو، جنهن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.نويد اسلم پاڻ دل جي بيماري ۾ مبتلا آهن ۽ ڪجهه مهينا اڳ کين پيس ميڪر لڳايو ويو هو، تنهن هوندي به هن پنهنجي صحت ۽ جان کي خطري ۾ وجهي ٻارن جون حياتيون بچايون.هن بهادراڻي عمل جي اعتراف ۾ بريشا جي ميئر لاورا ڪاسٽيليتي نويد اسلم کي خصوصي تقريب ۾ دعوت ڏئي يادگاري شيلڊ سان نوازيو ۽ سندس همت، جرئت ۽ ذميوار شهريت کي ساراهيو. مقامي ڪميونٽي ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ پاڪستاني نوجوان جي هن ڪارنامي کي وڏي پيماني تي واکاڻ ملي رهي آهي.