اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جو وڏو ڀاءُ پاڙيسري جي فائرنگ سبب مارجي ويو، ڪيس داخل

جماعت اسلامي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي امير ۽ سينيٽر مشتاق احمد خان جو وڏو ڀاءُ شڪيل احمد پاڙيسري جي فائرنگ سبب مارجي ويو آهي. پوليس موجب واقعو صوابي جي ڳوٺ احمد خان ڪلي شيخ جانه ۾ پيش آيو جتي شڪيل احمد خان کي گهر جي سامهون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر(ڊي پي او) صوابي محمد اظهر چيو ته شڪيل احمد خان پنهنجي پاڙيسري جي فائرنگ سبب مارجي ويو، جوابدار پهريان  پنهنجي والد  کي قتل ڪيو، مقتول شڪيل خان صلح ڪرائڻ لاءِ ويو هو، انهي دوران فائرنگ جو نشانو بڻجي ويو. ڊي پي او صوابي چيو آهي ته مبينه طور تي جوابدار نشي جو عادي آهي، دماغي توازن به صحيح نه آهي، جوابدار جي گرفتاري جلد يقيني بنائي ويندي. اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪندي چيو ته وڏي ڀاءُ شڪيل احمد خان کي ڳوٺ ۾ گهر جي سامهون شهيد ڪيو ويو، اها بدترين  درندگي آهي، وڏو ڀاءُ مون کي تمام گهڻو پيارو هو، هو منهنجو وڏو سهارو بڻيل هو. مشتاق احمد خان جي ڀاءُ جي قتل تي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان مشتاق احمد سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ڀاءُ جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي حڪومت کان فوري طور تي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور به مشتاق احمد کي ڀاءُ جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جي ڀاءُ جي قتل جو ڪيس ڪالو خان ٿاڻي  ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس سندس ڀاءُ رياض احمد جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر موجب شڪيل احمد کي گهر جي سامهون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جوابدار ڪامران پهريان پنهنجي والد کي قتل ڪيو، وچ ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ آيل شڪيل احمد کي به فائرنگ جو نشانو بنايو ويو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڪامران اڃان تائين  فرار آهي.