بخشاپور پوليس ٿاڻي جي ويجهو انڊس هائي وي انڌي اسٽاپ وٽ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ڦلواڻي ڊومڪي ۽ بڊاڻي ڊومڪي ۾ جهيڙو فائرنگ گوليون لڳڻ نتيجي عيدن ۽ برڪت ڊومڪي ء پير بخش ڊومڪي سميت ٽي ڄڻا قتل جڏهن ته علم الدين ڊومڪي امتياز ڊومڪي طارق ڊومڪي ذاڪر ڊومڪي نورا ڊومڪي مختيار ڊومڪي سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا علاقعو جنگ جو ميدان بڻجي ويو فائيرنگ جي ڪري شھر مڪمل بند ٿي ويو بخشاپور انڊس ھاء وي بند پوليس نه پھتي زخمين ۾ ڪجھ حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي بخشاپور انڊس ھاء وي ھر پاسي رت ۽ چپل پيل ھئا فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي قتل ٿي ويل جا لاش ء زخمين کي اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون