پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ صفحي تي آهن يا نه، ان بابت هو ڪو تبصرو نٿو ڪري سگهي، پر لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو صفحو هڪ به ٿي سگهي ٿو، پر موجوده صورتحال مان ڪجهه معاملا واضح ناهن.
هن چيو ته جيستائين پيپلز پارٽي جا خدشا ختم نه ڪيا وڃن، تيستائين حڪومت سان سهڪار معطل رهندو.
نئين صوبن بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر نون صوبن بابت پنهنجي اداري جو موقف پيش نه ڪيو هو، پر صرف هڪ سوال جو جواب ڏنو هو.
سندس چوڻ هو ته نون صوبن بابت پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي ته جيڪڏهن اتفاقِ راءِ پيدا ٿئي ته نئون صوبو ٺاهيو وڃي. عوام جيڪو فيصلو ڪندو، پيپلز پارٽي ان سان گڏ بيهندي. زور زبردستي کي نه ڪالهه قبول ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن قبول ڪنداسين.
بلاول ڀٽو چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سياست ۾ ايترو تجربو نٿو رکي. جيڪڏهن هو موجوده نظام کي ناڪاره قرار ڏئي رهيا آهن ته پوءِ منهنجي الٽي ڳڻپ واري بيان کي درست سمجهڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ باني عمران خان جي علاج بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ڀليڪار ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ عمران خان کي صحت عطا ڪري. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جو انتظار ڪرڻ بدران جيڪڏهن حڪومت پاڻ عمران خان جو علاج ڪرائي ها ته وڌيڪ بهتر هجي ها.28هين ترميم بابت ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اڄ تائين 28هين ترميم لاءِ ڪو به تجويز سندن سامهون ناهي آيو. جيڪڏهن حڪومت پيپلز پارٽي کانسواءِ قانونسازي ڪري سگهي ٿي ته ڪري وٺي.بلاول ڀٽو چيو ته ڪير چوي ٿو ته اسان نون صوبن جي خلاف آهيون؟ سينيٽ ڪميٽي ڏکڻ پنجاب صوبي جي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ان حوالي سان ڪا قرارداد منظور ڪئي آهي ته ٻڌايو وڃي.