بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کي افغانستان مان ڦهلجندڙ دهشتگردي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو

ميونخ: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر امارات اسلاميا افغانستان کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان پنهنجي زمين تان عسڪريت پسند گروپن جو مقابلو ڪرڻ جو مظاهرو نه ڪيو ته دهشتگردي کي پاڪستان کان ٻاهرين جاين تي پهچڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو.ميونخ ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀُٽو زرداري عالمي برادري کي افغانستان مان دهشتگردي ڦهلجڻ جي خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو.پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان جي سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جو خطرو اهم مسئلو آهي، افغانستان کان ٻاهر به هر رنگ ۽ نسل جي دهشتگرد تنظيمن جو وڏو انگ موجود آهي.ياد رهي ته ان کان اڳ به پرڏيهي وزير بلاول ڀُٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته افغان حڪومت جو دهشتگردي کي سنجيده نه وٺڻ ڳڻتي جوڳو آهي.