بلوچستان حڪومت ۽ ڌرڻو ڪاميٽي وچ ۾ معاهدو، مطالبا مڃيا ويا

وئيٽا: وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي جي هدايت تي بلوچستان حڪومت ۽ ڌرڻو ڪاميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ لکت وارو معاهدو طئي ٿي ويومعاهدي موجب زيارت جي شهيدن واري واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي ويندي، شهيدن کي سرڪاري پاليسي تحت شهيد جو درجو ڏنو ويندو، جڏهن ته وارثن جي سارسنڀال، ٻارن جي تعليم ۽ معاوضو به مقرر پاليسي موجب فراهم ڪيو ويندو.ان کان علاوه صوبي ۾ امن امان جي بهتري، پوليس جي صلاحيت وڌائڻ، شهيدن جي نالي سان سرڪاري عمارتون منسوب ڪرڻ ۽ روينيو بابت عوامي خدشن جي حل لاءِ ڪميٽيون قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وزيراعليٰ جي صدارت هيٺ اپوزيشن پارٽين ۽ شهيدن جي وارثن جو گڏيل اجلاس پڻ ڪوٺايو ويندو.