بڊاڻي ۾ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ چانھ جا پيسا گھرڻ تان جھيڙو بااثرن جو پورھيت مٿان وحشياڻي تشدد پوليس ڌر بڻيل ٿاڻي ۾ به متاثر ڌر مٿان ٻيھر حملو چار ڄڻا سخت زخمي ھڪ جي حالت نازڪ پوليس ابتو ڪيس درج ڪرڻ جا داٻا ڏئي رھي ان سلسلي ۾ منير احمد ڇتاڻي ڀٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو رات اسان جي ھوٽل تان نوجوان چانھ پيتي جنھن جي پيسا گھرڻ تان اسان جي نوجوانن واجد علي احمد ۽ نظير مٿان وحشياڻو تشدد ڪري رتو رت ڪيو ويو جڏھن اسان جوابدارن رحمدل ـ رفيق ـ مھندي ـ مظھر سميت ٻين مٿان دانھن کڻي ٿاڻي تي پھتاسين ته جوابدارن ٻيھر پوليس سامھون اسان مٿان ٻيھر تشدد ڪيو اسان جي اين سي درج ھئڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ۽ ابتو اسان مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جا سانڀا ٿي رھيا آھن ھن ٻڌايو ته جوابدارن کي علائقي جي بااثرن جي ڀٽ ڀرائي آھي ان ڪري اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي ۽ اسان جي روزگار جا اڏا به بند ڪرايا ويا آھن اسين ايس ايس پي ڪشمور سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي دانھن جي داد رسي ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڏنو وڃي