مظفر آباد: آزاد ڪشمير وزيراعظم جي چونڊ لاءِ تحريڪ انصاف لاڳيتو ڪوششن جي باوجود وزيراعظم جو اميدوار فائنل نه ڪري سگهي. جڏهن ته نالي تي اختلافن جو سلسلو جاري آهي. تحريڪ انصاف جي فارورڊ بلاڪ طرفان اپوزيشن سان ڳالهيون طئي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. بيرسٽر سلطان گروپ چوڌري اخلاق ۽ چوڌري رشيد جو نالو وزيراعظم جي عهدي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. اپوزيشن ۽ بيرسٽر گروپ جي اتحاد جي صورت ۾ کيس 26 ووٽ ملڻ جو امڪان آهي. تحريڪ انصاف وٽ به 26 ميمبر آهن، هڪ ووٽ سموري بازي پلٽائي سگهي ٿو. مسلم ڪانفرنس جي اڳوڻي وزيراعطم سردار عتيق احمد خان جو ووٽ اهميت جوڳو ٿي ويو آهي. قانونساز اسيمبلي جي 52 ميمبرن مان 27 ووٽ حاصل ڪندڙ اميدوار وزيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته بيرسٽر سلطان گروپ جا 6 ميمبر جنهن جي حمايت ڪندا اهوئي وزيراعظم بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. اپوزيشن سان رابطن جي ڊپ کان حڪومتي اسيمبلي ميمبرن کي سخت نگراني ۾ رکيو ويو آهي. اپوزيشن کان چوڌري ياسين، لطيف اڪبر ۽ فيصل ممتاز راٺوڙ وزيراعظم جو عهدو حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ شامل آهن. قانونساز اسيمبلي جو اجلاس 2 ڏينهن ملتوي ٿيڻ سبب وزيراعظم جي چونڊ نه ٿي سگهي هئي. آئين جي آرٽيڪل 17 ۽ اسيمبلي جي قائدي 16 جي تحت جاري اجلاس ۾ وزيراعظم جي فوري چونڊ ضروري آهي. اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وزيراعظم جي چونڊ ڪئي ويندي.