تعليم جي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ساڍا 16 هزار ماڻهن کي امارات جا گولڊن ويزا جاري

 متحده عرب امارات جي حڪومت تعليم جي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن لاءِ 16.456 ماڻهن کي گولڊن ويزا جاري ڪري ڇڏيا. اماراتي گولڊن ويزا حاصل ڪندڙن ۾ 10.710 هاءِ اسڪول جا بهترين شاگرد به شامل آهن. جن پنهنجي امتحانن ۾ 95 سيڪڙو کان وڌيڪ نمبرز حاصل ڪيا، گولڊن ويزا  10 سالن جو رهائشي پرمنٽ آهي. حڪومت 5246 نمايان يونيورسٽي گريجوئيٽس ۽ 337 تعليمي ماهرن کي به گولڊن  ويزا ڏنو ويو آهي. عالمي سطح تي مڃيل يونيورسٽين جا 147 گريجوئيٽس ۽ 16 نمايان سائنسدانن کي به گولڊن ويزا ڏنا ويا آهن. ابوظهبي ۾ اميگريشن اختيارين جو چوڻ آهي ته گولڊن ويزا پروگرام جو مقصد عالمي ٽيلنٽ کي متحده عرب امارات  ۾ مستقل رهائش فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن  گولڊن ويزا رکندڙ ماڻهو تعليم جي شعبي  جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.