اسلام آباد: 23 هين جنوري تي سڄي ملڪ ۾ ٿيل بجلي جي بدترين بريڪ ڊائون جي انڪوائري رپورٽ تيار ڪري ذميوارن جو تعين پڻ ڪيو ويو آهي.
انڪوائري رپورٽ ۾ نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) جي آفيسرن، پاور ڪنٽرول مئنيجمنٽ ۽ شفٽ انچارج کي بجلي بريڪ ڊائون جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پن بجلي وارا، ٽرپنگ بعد فوري طور بجلي پيدوار ۾ ناڪام رهيا تنهنڪري اين ٽي ڊي سي، واپڊا، آءِ پي پيز بجلي بحالي جو بظابطا نظام جوڙين.جاچ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته بجلي جي پيدوار لاءِ پاور پلانٽس جي ميرٽ آرڊر تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، پن بجلي رٿائن ۾ ٽرپنگ کانپوءِ جلد کان جلد بحالي جي صلاحيتن جي جاچ ڪئي وڃي.انڪوائري ڪميٽي طرفان اِها سفارش به ڪئي وئي آهي ته سالياني بنيادن تي بليڪ آئوٽ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جو پري ٽيسٽ ڪيو وڃي ۽ پاور سسٽم کي آرٽيفيشل انٽيلجنس جي بنياد تي هلايو وڃي.
ياد رهي ته 23 جنوري جي صبح سڄي ملڪ ۾ ٿيل بجلي جو بريڪ ڊائون اٽڪل 24 ڪلاڪن کانپوءِ بحال ٿيو هو.